مخدوم عبداللطيف ٺٽوي

مخدوم عبداللطيف ٺٽوي : حافظ، عالم، مخدوم عبداللطيف ولد مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، 14 شعبان 1144هه/31 جنوري 1732ع ڌاري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. هيءُ پنهنجي والد جي دستور موجب هر جمعي جي ڏينهن جامع خسرو (دابگران واري مسجد) ۾ واعظ منعقد ڪندو هو، ان کانسواءِ دار العلوم هاشميه مدرسي کي پڻ سنڀاليندو هو. مخدوم عبداللطيف بدعتن جي رد ۽ حنفي فقه ۾ ڏاڍو متشدد هو. هن علامه مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي ڪتاب ’درسات اللبيت‘ جي رد ۾’ذب الذبابات‘ڪتاب عربيءَ ۾ لکيو. ان کانسواءِ سندس ٻيا به رسالا تصنيف ٿيل آهن، جن ۾ الحجة البيضاء، غايت المرام، الشهاب الثاقب لرجم الکاذب، فرائض الاسلام وغيره شامل آهن. مخدوم عبدالطيف، 45 سالن جي عمر ۾ 17 ذوالقعد 1189هه/9 جنوري 1776ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1732.01.31  عيسوي

حافظ، عالم، مخدوم عبداللطيف ولد مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، 14 شعبان 1144هه/31 جنوري 1732ع ڌاري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو.


1776.01.09  عيسوي

مخدوم عبدالطيف، 45 سالن جي عمر ۾ 17 ذوالقعد 1189هه/9 جنوري 1776ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالعليم صديقي قادري
قاضي ثناءَ الله پاڻيپتي
عـبـدالواحد علامه
محمد عالم سومرو مولانا
سيد محمد عابد شاهه جيلاني ثاني
احمد خان جمالي مولانا
زخائو ايڊورڊ
عبدالجبار صديقي مخدوم
عبدالله لغاري مولانا
امام مسعود سنڌي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون